عمران خان پاران دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 3 درخواستون داخل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ جي باني وڪيلن 3 درخواستون داخل ڪيون.جج امجد علي شاهه جي سربراهي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواستون داخل ڪيون ويون آهن. درخواستن جو تعلق پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، وڪيلن سان ملاقاتن ۽ طبي معائنن سان آهي.اهي درخواستون ملڪ فيصل ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته وڪيل پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪن.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس بابت هدايتون ڏنيون وڃن. پي ٽي آءِ باني جي ٻارن جا 2 مهينن کان ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي،درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته انٽرويو جو حڪم ڏيڻ آئيني حق آهي، ڪيتري ئي عرصي کان پي ٽي آءِ باني جي ذاتي معالج کي معائنو ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو