اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل سهولتن بابت درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر ڪيس ۾ انڊر ٽرائيل قيدي آهي ۽ اسلام آباد جا سمورا انڊر ٽرائيل قيدي اڊيالا جيل ۾ هوندا آهن. انڊر ٽرائيل قيدي کي اڊيالا جي بجاءِ اٽڪ جيل ۾ ڇو رکيو ويو آهي؟ جسٽس عامر فاروق چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان کي اٽڪ جيل ۾ رکيو ويو هو، اها سزا معطل ٿي چڪي آهي. سڀاڻي جيڪڏهن اوهان کي رحيم يار خان ٽرانسفر ڪري ڇڏين ٿا ته ڇا اوهان اتان کان ٽرائيل ڪندو؟اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل کان جواب طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته قانون موجب اسلام آباد جي انڊر ٽرائيل قيدي کي اڊيالا جيل ۾ هجڻ گهرجي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل شفٽ ڪريو.جسٽس عامر فاروق چيو ته ٻڌايو ويو هو ته هاڻ جيل ۾ اي بي ۽ سي ڪلاس ختم ٿي وئي آهي. عمران خان جي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته هاڻ جيل ۾ عام ۽ بهتر ڪلاس هوندي آهي، عمران خان بهتر ڪلاس جو حقدار آهي جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بهتر ڪلاس جو حقدار آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين اڳوڻو وزيراعظم ۽ پڙهيل لکيل شخص آهي جيل روز موجب هو جن شين جو حقدار آهي ان کي ملڻ گهرجي. ائين نه هجڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جا حق تلف ڪيا وڃن.
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 21 ڊسمبر 2024ع
پروفيسر عبدالستار،تعليم، جدوجهد جو روشن مثال
انساني اسمگلرن ۽ ذميوار آفيسرن خلاف فوري ڪاروائي جھو حڪم
ڊمپرن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا: گورنر سنڌ
هڪ ٻن ڏينهن ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بل تي خوشخبري ملندي: مولانا