عمران خان کي ڪتاب فراهم ڪرڻ ۽ پٽن سان ڳالهرائڻ جو حڪم

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي ڪتاب فراهم ڪرڻ ۽ ٻارن سان ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو آهي. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ جي باني کي ڪتاب نه ڏيڻ ۽ ٻارن سان ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ جي باني جون ٻئي درخواستون منظور ڪيون ۽ عمران خان کي فوري طور تي ڪتاب فراهم ڪرڻ ۽ ٻارن سان ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو.عدالت پي ٽي آءِ باني جي درخواستن تي جيل اختيارين کي حڪم جاري ڪندي چيو ته عمران خان کي ڪتابن جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته عيد کان اڳ پي ٽي آءِ باني کي پنهنجي ٻارن سان به ڳالهائڻ گهرجي. عيد هڪ مذهبي تهوار آهي، ۽ درخواست ڏيندڙ جي ٻارن سان فوري طور تي ڳالهايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو