واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي 46 ڪانگريس ميمبرن صدر جو بائيڊن کي خط لکي ڇڏيو. آمريڪي ڪانگريس ميمبرن خط ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن بابت ايوان جي نمائندن جي ٺهراءَ تي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سميت ٻين سياسي قيدين جي آزادي لاءِ هنگامي بنيادن تي وڪالت ڪئي وڃي.خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته يو اين ورڪنگ گروپ جي رپورٽ جي روشني ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين سياسي قيدين جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي. خط جي متن موجب پاڪستان ۾ 2024 جي ناقص اليڪشن کانپوءِ انساني حق پامال ڪيا ويا، پاڪستان جي اهم سياسي جماعت پي ٽي آءِ کي چونڊن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مختلف حربن باوجود پي ٽي آءِ اميدوارن آزاد حيثيت ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ۾ خدشن بابت رپورٽن کي حڪومت شايع ٿيڻ کان روڪيو، باني سميت ٻين اڳواڻن کي مسلسل قيد ۾ رکڻ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳو آهي. پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شايع ڪيل خط تي 46 ڪانگريس ميمبرن جون صحيحون آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ پڻ 60 کان وڌيڪ ميمبرن پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ جو بائيڊن کي خط لکيو هو.
شھدادپور ۾ پورهيت جي گهر کي باهه،چوپائي مال سميت سامان سڙي رک
سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو
تڪراري منصوبن تي اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي،بلاول ڀٽو
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان
وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ
سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار
گوتم اڏاڻي تي نيويارڪ جي عدالت پاران فرد جرم لاڳو
اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو