عمران رهائي،پاڪستان ۾ سٺو ۽ ايماندار عدالتي نظام موجود آهي: باڪسر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي ڪڪ باڪسر اينڊريو ٽيٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي. مائيڪروبلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اينڊريو ٽيٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيندي عمران خان جي فوري آزادي جي حڪم تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ سٺو ۽ ايماندار عدالتي نظام موجود آهي“.

پهنجو تبصرو موڪليو