عمران سان ملاقاتون نه ڪرائڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ جي معافي قبول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان پارٽي اڳواڻن جي ملاقات نه ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ جي معافي قبول ڪري ورتي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان پي ٽي آءِ طرفان پارٽي چيئرمين عمران خان جي اڳواڻن سان ملاقات نه ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عدالت آر پي او راولپنڊي ۽ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل جي معافي جي درخواست منظور ڪندي حتمي وارننگ ڏني.جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان کي آخري موقعو ڏنو پيو وڃي، جنهن تي جيل سپرنٽينڊنٽ يقين ڏياريو ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو ويندو.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته اسان جي ملڪ جو نظام اهڙو آهي جنهن تي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ريمارڪس ڏنا ته شعيب صاحب ملڪ جو نظام هڪ يا ٻه عدالتون نه ٺهنديون. توهان جي ملڪ جو نظام عدالتن جي هٿن مان نڪري پارليامينٽ جي هٿن مان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو