عمران ڪميٽي ٺاهي پر حڪومت کي ڳالهين ۾ دلچسپي ناهي: عمر ايوب

پشاور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته عمران خان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي پر لڳي ٿو ته حڪومت کي ڳالهين ۾ دلچسپي ناهي.پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جي باني القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڄ رات دير تائين جاري رهي.عدالت جو وقت 3 يا 4 وڳي تائين آهي، سوال اهو آهي ته ٻڌڻي ايتري دير تائين ڇو جاري رهي؟،مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گنجائش کان وڌيڪ جيلن ۾ رکيو پيو وڃي، اسان ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون. عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جي باني پاران ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي وئي آهي، لڳي ٿو حڪومت کي ڳالهين ۾ دلچسپي ناهي،اسان ڪنهن وٽ نه ويا هئاسين، جيڪڏهن ڪو ڳالهين ڪرڻ چاهي ته ڪري، ٻي صورت ۾ نه.

پهنجو تبصرو موڪليو