عمري جي ادائگي لاءِ اجازت جي آخري تاريخ جو اعلان

مدينه (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزارت هن سال عمري جا پرمٽ جاري ڪرڻ جي آخري تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سعودي وزارت جو چوڻ آهي ته عمره جا پرمٽ 23 جون تائين توڪلنا ۽ ايٽمارنا ايپس تي موجود آهن، جنهن کانپوءِ عمره جا اجازت نامو معطل ڪيو ويندو.سعودي ميڊيا رپورٽن موجب عمري جي اجازتن جي جاري ٿيڻ جي تاريخ ۾ 26 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي، پر هاڻي حج سيزن کانپوءِ 19 جولاءِ کان عمري جي اجازتن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو