عمر ايوب، بئريسٽر سيف، مشال يوسفزئي جي ضمانت منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب، بئريسٽر سيف، مشال يوسفزئي ۽ وزيرزاده جي ضمانت منظور ڪري ورتي.چيف جسٽس اشتياق ابراهيم درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بئريسٽر محمد علي سيف، مشال يوسفزئي ۽ وزيرزاده عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت درخواستگذارن جي 3 هفتن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.بعد ۾ چيف جسٽس اشتياق ابراهيم قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب جي درخواست تي به ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عمر ايوب چيو ته ڊي چوڪ تي احتجاج کانپوءِ 22 ڪيسن ۾ منهنجو نالو آيو آهي، اسيمبلي اجلاس ۾ وڃڻ چاهيان ٿو پر گرفتاري جو خدشو آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ عمر ايوب جي 7 نومبر تائين عبوري ضمانت به منظور ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو