عمر ايوب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سلمان راجا جنرل سيڪريٽري مقرر

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي انهي جي جڳهه تي سلمان اڪرم راجه کي سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب عمران خان پارٽي جي پارلياماني ۽ عملي سياسي معاملن کي ڌار ڪري ڇڏيو، اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب ۽ سينيٽر شبلي فراز پارلياماني ٽيم جي اڳواڻي ڪندا. جڏهن ته سلمان اڪرم راجه بطور پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري طور تي ذميواريون نڀائيندو. انهي کان علاوه رئوف حسن جي سربراهي ۾ ٿنڪ ٽينڪ جوڙيو ويندو رئوف حسن حڪومتي ڪارڪردگي تي وائٽ پيپر جاري ڪندو ۽ چونڊ معاملا به ڏسندو.ان حوالي سان عمر ايوب چيو آهي ته اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين 4 سيپٽمبر تي منهنجي استعيفيٰ کي منظور ڪري ورتو هو. 22 جون تي استعيفيٰ ڏنو هو جيڪو قبول نه ڪيو ويو هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪارڪن بڻجي ڪم ڪندو رهندس. ڪارڪن اسلام آباد جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪن.ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته سلمان اڪرم راجه جي بطور سيڪريٽري جنرل مقرري جي خبر نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو