عمر ايوب جي 2 ڊسمبر تائين راهداري ضمانت ۾ واڌ

پشاور (ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جي 2 ڊسمبر تائين راهداري ضمانت منظور ڪري ورتي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز انور عمر ايوب جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت درخواستگذار کي لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جو پڻ حڪم ڏنو.درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمر ايوب خلاف اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ 21 ڪيس داخل آهن.هن چيو ته درخواستگذار عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهين ٿا پر گرفتاري جو خدشو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو