عمر اڪمل جا الزام،مڪي آرٿر جو جواب

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل جي الزامن تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ مڪي آرٿر عمر اڪمل کي مخاطب ٿيندي چيو ته کيس آئيني ۾ ڏسڻ گهرجي. گذريل ڏينهن عمر اڪمل هڪ ڀيرو ٻيهر مڪي آرٿر تي ڪيريئر خراب ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. هن اهو به چيو ته ان وقت جي سليڪشن ڪميٽي ۽ مقامي ڪوچز منهنجي مدد نه ڪئي. ان کان اڳ آگسٽ 2017 ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ عمر اڪمل چيو هو ته مڪي آرٿر سندس خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪئي، سندس بي عزتي ڪئي ۽ چيو ته کيس نيشنل اڪيڊمي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڪنهن ڏني، وڃي ڪلب ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو