عمر اڪمل جي سزا اڌ ڪئي وئي، ان خلاف به اپيل ڪندي، عمر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر عمر اڪمل چيو آهي ته شڪر آهي ته سزا گهٽ ٿي آهي پر ان سزا جي خاتمي لاءِ هو وڪيلن جي مشوري بعد ٻيهر اپيل ڪندو. عمر اڪمل کي جوارين سان رابطا ڳجها رکڻ جي ڏوهه ۾ آءِ پي ايل کان اڳ 3 سال سزا ملي هئي. جنهن خلاف هن اپيل ڪئي هئي ۽ ان تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيدي سزا کي گهٽائي ڏيڍ سال ڪيو ويو. آزاد ايڊجوڊيڪٽر عمر اڪمل جي اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ڪرڪيٽر عمر اڪمل فيصلي تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پابندي ۾ گهٽتائي ٿيڻ تي هو الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪري ٿو، عمر اڪمل مٿان پي سي بي جَي ائنٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 3 سال پابندي لڳائي وئي هئي، ڪرڪيٽر عمر اڪمل پابندي خلاف اپيل داخل ڪئي، عدالت طرفان 13 جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو. عمر اڪمل گهٽايل سزا خلاف به اپيل جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو