عمر ڪوٽ ۾ سائيڪل پمپ ذريعي آڪسيجن ڏيڻ جي ويڊيو وائرل

عمرڪوٽ (ن س)ضلعي جي سول اسپتال ۾ سائيڪل پمپ ذريعي مريض کي آڪسيجن ڏيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مريض کي سائيڪل ۾ هوا ڀرڻ واري پمپ ذريعي آڪسيجن ڏني پئي وڃي. جڏهن ته، ايم ايس ڊسٽرڪٽ اسپتال ان وڊيو کي غلط ۽ بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو اهي. ڊپٽي ڪمشنر کي جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وائرل وڊيو ۾ ڪا به سچائي ناهي، ضلعي اسپتال ۾ سينٽرل آڪسيجن سسٽم لڳايو ويو آهي. ڊي سي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو