عمر گل ڪرڪٽ جي سڀني فارميٽس تان ريٽائر

راولپنڊي (م ڊ) فاسٽ بالر عمر گل ڪرڪٽ جي دنيا کي الوداع ڪري ڇڏيو، بلوچستان پاران کيڏندي 36 سالن جي ڪرڪٽر سدرن پنجاب خلاف آخري ميچ کيڏندي ڪرڪٽ جي سڀني فارميٽس تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته سندس اکين م پاڻي ڀرجي آيو.ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن کيس ڪرڪٽ جي دنيا جو گارڊ آف آنر پيش ڪندي رخصت ڪيو. هن پي سي بي، ساٿي ڪرڪٽرز ۽ مداحن جو شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي هو پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيو.

Screen shot

هن ٽوئٽر تي چيو ته پاڪستان لاءِ کيڏڻ سندس خواب هو جيڪو الله پورو ڪيو. وسيم اڪرم ۽ سرفراز احمد سندس خدمتن تي خراج پيش ڪندي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هن 47 ٽيسٽ ميچز ۾ 163 وڪيٽ ورتيون، 130 ون ڊي ميچز ۾ 179 وڪيٽ، 60 ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ 85 وڪيٽون ورتيون. هن اپريل 2003 ۾ پهريون ون ڊي زمبابوي خلاف کيڏيو ۽ ان ئي سال بنگلاديش خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو. جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي 2007 ۾ پهريون ڀيرو ڪينيا خلاف کيڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو