عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن پاران هڙتال جاري

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) عوامي تحريڪ مرڪزي آرگنائزينگ ڪميٽي جي اڳواڻڻ وسند ٿري ، نوراحمد ڪاتيار ، ادي حورالنساء پليجو ، ايڊوڪيٽ عبدالله ٻپڙ، ايڊوڪيٽ خالد تنيو، پرھ سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سوين ڪارڪنن سان گڏجي هڪ ڏينهن لاء احتجاجي بک هڙتال جاري آهي ، ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن ڪالاباغ ڊيم سميت نوان ڊيم ٺاهڻ قبول نه ڪنداسين۔ سنڌو درياء مان نوان ڪينال ڪڍي سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائي بعد نيلامي خلاف نڪتا آهيون.اڄ ڪراچي پريس ڪلب تي گڏ ٿي اهو حڪومت کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري پاڻي چورائڻ نه ڏينداسين۔سنڌو درياء تي سدائين پاڻي ڌاڙو لڳندو رهيو آھي ۽ سنڌ جي زمينن تي ولار ٿيندي رهي آھي ۔ اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضا ٿيندا رهيا آھن جيڪو سلسلو اڄ به جاري آھي ۔شھيد ڊاڪٽر جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاهي چاڙھي وڃي سنڌ مان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي بند ڪرائي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو