ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ماڻهن جي ڳالهه ڪريو ته انهن کي ڇا ملي رهيو آهي؟ روڊ، پاڻي، بجلي ڇا ملي رهيو آهي، ڇا اسان سمورا پئسا پگهارن ۾ ڏيندا رهنداسين؟ سپريم ڪورٽ برطرفي خلاف حيدرآباد ڊوالپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان ستي ٻڌل بينچ ڪراچي رجسٽري ۾ حيدرآباد ڊوالپمينٽ اٿارٽي جي ڪانٽريڪٽ ملازمن کي هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته مان ڪانٽريڪٽ ملازم نه آهيان، ريگيولر ملازم هئس، حيدرآباد ڊوالپمينٽ اٿارٽي جو ملازم هئس، جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ڇا اوهان جي مقرري ۾ سموريون ضابطه ڪار ڪاررواين کي فالو ڪيو ويو هو. اسان کي ڪهڙي خبر ته اوهان وٽ ڪا ڊگري آهي يا نه. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوهان ڪانٽريڪٽ ملازم هئا، ٿورو مقرري جو ليٽر پڙهو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي خبر آهي ته ڪميٽي ۾ ڇا ٿيندو آهي، لسٽ اچي ته ان کي اڳيان رکون ٿا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته بس ملازم ڀرتي ڪري رهيا آهيو، عوام جي ڪهڙي خدمت ٿي رهي آهي، اسان ڏسنداسين ته سرڪاري ادارا ڇا ڪري رهيا آهن، صرف ملازمن کي پالي رهيا آهن صرف ماڻهن کي سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتي ڪيو پيو وڃي، صرف ملازمن کي ويهاري پگهارون ڏنيون پيون وڃن.چيف جسٽس ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته حڪومت وٽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ چار آنا به نه آهن. بس چيو پيو وڃي ته خدمت ڪري رهيا آهيون، هڪ هڪ جڳهه تي 3-3 ملازم ڀرتي ڪيا پيا وڃن. سرڪاري نوڪريون انهن کي ئي ڪرڻيون آهن جيڪي قابل ئي نه آهن. غيرقانوني ڀرتين جو بار سنڌ جي عوام تي ڇو وجهون؟ درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته حڪومت پاڻ پروجيڪٽ شروع ڪيو، بعد ۾ ملازمن کي واپس اماڻي ڇڏيو جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان کي ته حڪومت ناهي هلائڻي، حڪومت اهي پاڻ هلائين. وڪيل چيو ته صدر ۽ گورنر جي پيڪيج تحت ڀرتيون ٿيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قانون جون ڌڄيون اڏايون ويون آهن. اختيارن جي نالي تي صدر ۽ گورنر وٽ ڪهڙو اختيار آهي. ڇا انهن وٽ پنهنجا پئسا هئا؟ آئين جون ڌڄيون اڏائيندو ته اسان اجازت نه ڏينداسين صدر وٽ ڪيئن اختيار آهي ته اهو جنهن کي چاهي پئسا ورهائيندو رهي؟ ڪڏهن ٿيو هو اهو؟ ڪنهن ڪيو هو. وڪيل ٻڌايو ته اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ڀرتيون ٿيون، پيڪيج مليو جنهن تي چيف جسٽس قاصي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن شيءَ جي بنياد ئي غلط هجي انهي تي پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي ته اها شيءَ قائم ناهي رهي سگهندي.چيف جسٽس چيو ته صوبي جي ماڻهن جي ڳالهه ڪريو انهن کي ڇا ملي رهيو آهي؟ روڊ، پاڻي، بجلي ڇا ملي رهيو آهي؟ ڇا سمورا پئسا پگهارن ۾ ڏيندا رهنداسين؟ اوهان انهن ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، صوبي جي ڳالهه نه پيا ڪريو، صوبي ۾ ملازمن کي ڏيڻ جي لاءِ پگهارون نه آهن. عدالت برطرفي جي خلاف حيدرآباد ڊوالپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع