عوام کي سستي، آسان ۽ جديد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو عزم آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اختيارين کي ريڊ لائن ۽ ييلو لائن بي آر ٽي منصوبن تي تعميراتي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندن چوڻ آهي ته جديد ترين ڊيزائن تي مستمل بي آر ٽيز شهرين کي رليف فراهم ڪندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو، ڪنسلٽنٽس، ڪنٽريڪٽرز ۽ اعليٰ اختيارين شرڪٽ ڪئي. اجلاس دوران بي آر ٽي جي ٻنهي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪم جي معيار تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته عوام کي سسٽي، آسان ۽ جديد سفري سهولتن جي جلد کان جلد فراهمي سنڌ حڪومت جو عزم آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڪوشش هئڻ گهرجي ته ڊيڊ لائن کان اڳ ٻنهي بي آر ٽيز جي تڪميل مڪمل ٿي وڃي، ته جيئن عوام فائدو حاصل ڪري سگهي.شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ٻئي منصوبا مڪمل ٿيڻ سان شهرين لاءِ سفر آسان ٿي ويندو ۽ لکين ماڻهن کي فائدو ٿيندو.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سموريون ڌريون منصوبن کي وقت تي ۽ ڪاميابيءَ سان پورو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ متحرڪ رهن، اهي منصوبا سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهن، انهن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ سان لکين ماڻهن کي گهڻو رليف ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو