ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) توانائي، منصوبابندي ۽ ترقيات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي عوام کي سستي ۽ صاف بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن موجب، حڪومت بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ بهتري آڻڻ تي عمل پيرا آهي. هن اهڙو اظهار پاڪستان بزنس ارينا پاران مقامي هوٽل ۾ توانائي جي مسئلن “انرجِي ڪرائيسس” جي موضوع تي ٿيل سيمينار ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ناصر حسين شاهه چيو ته سولر پارڪ، ونڊ ڪوريڊور، ۽ ڪوئلي جي پاور پلانٽ تي تيزي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته سڀ کان سستي بجلي ٿر ڪول مان تيار ٿي رهي آهي، جيڪا 2740 ميگا واٽ نيشل گرڊ کي فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن جو فائدو پورو ملڪ حاصل ڪري رهيو آهي. ناصر شاهه چيو ته سولر پارڪ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪراچي جي عوام کي پهچندو. سولر پارڪ مان تيار ٿيندڙ بجلي ڪي اليڪٽرڪ کي فراهم ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته نوري آباد ونڊ ڪوريڊور مان تيار ٿيندڙ بجلي به سستي آهي. نوري آباد ونڊ ڪوريڊور مان سنڌ ٽرانسميشن ڊسپيچ ڪمپني (ايس ٽي ڊي سي) ذريعي 100 ميگاواٽ بجلي ڪي اليڪٽرڪ کي فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سيپرا کي وڌيڪ فعال ڪيو پيو وڃي، ۽ سولر ۽ ڪول جو ٽيرف سيپرا ذريعي طئي ڪيو ويندو. سولر پارڪ مان تيار ٿيندڙ بجلي تقسيم ڪار ڪمپنين کي فراهم ڪئي ويندي. ناصر شاهه چيو ته 100 کان 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي خاص فائدو فراهم ڪيو ويندو. ناصر شاهه چيو ته غير ملڪي سيڙپڪار متبادل توانائي جي منصوبن ۾ تمام گهڻي دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن. مقامي سيڙپڪارن کي پڻ دعوت ڏني ته اهي به دلچسپي وٺن، ۽ حڪومت کين مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. مقامي سيڙپڪار پنهنجون تجويزون ڏين، ڇو ته چيني سيڙپڪارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ هي بهترين وقت آهي. هن چيو ته عالمي پابندين جي باوجود، مقامي سيڙپڪارن لاءِ اهو هڪ سٺو موقعو آهي ته اهي چيني سيڙپڪارن سان گڏجي ڪم ڪن. ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته صوبي جي حڪومت پوري سنڌ ۾ اليڪٽرڪ چارجنگ جون سهولتون فراهم ڪندي. هن منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سولرائيز ڪيو ويندو. حڪومت هر 40 ڪلوميٽر تي چارجنگ پوائنٽ ٺاهڻ جو منصوبو جوڙي رهي آهي، جنهن سان عوام کي هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ فيول جي خرچ ۾ به بچت ٿيندي.
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ قريشي سميت 14 تي فرد جرم لاڳو
ٻئي ون ڊي ڏکڻ آفريڪا لاءِ پاڪستان جو 330 رنز جو ٽارگيٽ
عوام کي سستي ۽ صاف بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪريون پيا
پي ٽي آءِ باني خلاف پوسٽ، سلمان احمد جي پارٽي رڪنيت ختم
ڪراچي وارا هوشيار! موسميات کاتي اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي
پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران زخمي ٿيندڙ ٻيو رينجرز اهلڪار شهيد
ڪرپشن گهٽ ٿي ته قرضن جي ضرورت ئي نه پوندي: خواجا آصف
مارشل لائي دور ۾ ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو: اعظم نذير
ڳالهين جي آڇ کي سندن ڪمزور نه سمجهيو وڃي:عمران خان
ڳالهيون حڪومت جي مفاد ۾ آهن، اسان ايلاز نه ڪنداسين: شبلي فراز
ٻٻرلو تي ڪار ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر، پنج ڄڻا فوت
غزا جو پاڻي بند ڪري اسرائيل نسل ڪشي پيو ڪري، ايڇ آر ڊبليو
چيمپيئنز ٽرافي سميت 2027 تائين پاڪ، ڀارت ميچن لاءِ هائبرڊ ماڊل تي اتفاق
افغانستان ۾ حادثو، 52 ڄڻا فوت، ڪيترائي ٻيا زخمي
گورنر صوبائي حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
واٽس ايپ تي هاڻ چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪرڻ ممڪن
رمپا پلازه ۾ لڳل باهه تي ڪنٽرول ٿي ويو آهي، اختاريون
آمريڪا ڪير ٿيندو آهي؟ پاڻ هيرو شيما تي ايٽم بم هنيو هئائين
وزيراعظم جي انڊونيشيا جي صدر سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون
شاهين آفريدي بنگلاديش پريميئر ليگ کيڏندو