عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي ان موجب قدم کنيا پيا وڃن. ٽن ملڪن جي سفيرن سان ملاقات ۾ وڏي وزير ترڪي ۽ سويڊن جي سفيرن کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي. وڏي وزير سان ترڪي جي سفير عرفان نيذيروگلو ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ترڪ قونصل جنرل به شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان جا ترڪي سان خصوصي لاڳاپا آهن ۽ اوهان پاڪستان کي پنهنجو گهر سمجهو. ان موقعي تي ترڪ سفير چيو ته ترڪي جون وڏيون ڪمپنيون آئيڊيا ۾ شرڪت لاءِ آيون آهن جيڪو پاڪستان ترڪ عوام ۽ حڪومت لاءِ تمام ضروري آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ اهم صوبو آهي، جتي ڍنڍون، نديون، سمنڊ، جبل ۽ ريگستان آهن. وڏي وزير ترڪ ڪمپنين کي توانائي، ڪول مائننگ ۽ ٻين منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ ترڪي جي ڪمپنين سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏي وزير جو خاص صلاحڪار قاسم نويد ترڪ سفير سان رابطو ڪندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سويڊن جي سفير مس اليگزينڊرا برگ وون لنڊي پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيڪنڊ سيڪريٽري مس جيسيڪا مارٽيبو ۽ ڪراچي ۾ قونصل جنرل ڊاڪٽر زيلف منير پڻ سويڊن جي سفير سان گڏ هئا. سويڊن جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ سويڊن جي سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ڪراچي جي دوري جو مقصد سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو وٺڻ آهي. وڏي وزير سويڊن جي ڪمپنين کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سويڊن جون ڪمپنيون ونڊ انرجي، سولر انرجي ۽ واٽر مئنيجمينٽ منصوبن ۾ دلچسپي رکن ٿيون. سويڊن جي سفير وڏي وزير کي پنڪ بس هلائڻ تي مبارڪباد ڏني. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي ترجيح عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه سان عمان جي قونصل جنرل انجنيئر سميع عبدالله الخنجاري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قونصل جنرل وڏي وزير کي عمان جي قومي ڏينهن جي پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وڏي وزير چيو ته عمان نه رڳو اسان جو برادر ملڪ آهي پر جاگرافيائي لحاظ کان به تمام ويجهو ملڪ آهي. مراد علي شاهه قونصل جنرل کي عمان جي قومي ڏينهن تي اڳواٽ واڌايون ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو