’عوام ۽ جوانن جون قربانيون وطن جي تحفظ جي ضمانت آهي‘

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير وانا ۽ ڊي آءِ خان جو دورو ڪيو ۽ سرحد تي مقرر آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ عيد ملهائي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جوانن جي غيرمتزلزل وابستگي ۽ قوم لاءِ مثالي خدمت جي واکاڻ ڪئي ۽ مسلح فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ خيبرپختونخوا جي عوام جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪوششن کي ساراهيو. آرمي چيف چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام دهشتگردي جي لعنت خلاف بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ملڪ جي دفاع لاءِ فوجي جوانن جو عزم فخر جوڳو آهي. “توهان جي وابستگي ۽ قربانيون اسان جي وطن جي تحفظ جي ضمانت آهن، ۽ اهي قربانيون پاڪستان سان توهان جي گهري محبت جي عڪاسي ڪن ٿيون.”جنرل عاصم منير شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته امن ۽ استحڪام لاءِ سندن جدوجهد اسان جي ڪاميابي جو بنياد آهي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف عيد جي نماز به جوانن سان گڏ ادا ڪئي ۽ پاڪستان جي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ دعا گھري.

پهنجو تبصرو موڪليو