عورت مارچ کي ڊي چوڪ وڃڻ کان پوليس روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر ۾عورت مارچ ڇنڇر تي منجهند ڌاري پڄاڻي تي پهتو. پوليس مارچ ڪندڙن کي ڊي چوڪ ڏانهن وڌڻ کان روڪيو. جنهن بعد جلوس جيڪو نيشنل پريس ڪلب وٽ گڏ ٿيو هو، اتي ئي رهيو. 2018 کان عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هر سال منعقد ٿيندو آهي جيڪو عورتن جي مزاحمت جي علامت آهي. مارچ ۾ شامل عورتون اڄ اين پي سي جي ٻاهران پلي ڪارڊ، بينر ۽ ميگا فون کڻي گڏ ٿيون. مارچ ۾ شريڪ عورتن جو انگ گهٽ هو ۽ ساڳئي وقت جماعت اسلامي جون عورتون به عافيا صديقي جي آزاداي لاءِ جلوس ڪڍي آيون. عورت مارچ جي اڳواڻ فرزانه باري چيو ته اسانکي هن ڀيري انتظاميا ڊي چوڪ ڏانهن وڃڻ جي اين او سي نه ڏني آهي ۽ خوف جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي. رمضان ۾ روزن جي باوجود عورتون گڏ ٿيون آهن، اسين قانون هٿ ۾ کڻڻ نٿا چاهيون. مارچ ۾ شامل عورتون دف وڄائي عورتن جي آزادي ۽ حقن بابت نعرا هڻي رهيون هيون. عورتن جي هٿن ۾ هڪ بينر هو جنهن تي گهريلو تشدد جو شڪار عورتن جو تصويرون هيون. ياد رهي ته پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ مختلف تاريخن تي عورت مارچ منعقد ٿيندو آهي. لاهور ۾ 12 فيبروري تي ٿيو، ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ 11 مارچ تي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو