عورت ڪرڪيٽ امپائر نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ جي عورت ڪرڪيٽ امپائر ڪريم ڪاٽن نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.ڪم ڪاٽن دنيا جي پهرين عورت آن فيلڊ امپائر بڻجي وئي جنهن آئي سي سي مينز انٽرنيشنل جي ٻن مڪمل ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ کي انجام ڏنو.نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ اربع تي کيڏي ويندڙ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪيوي جي عورت امپائرنگ جي فرضن تي فيلڊ امپائرنگ جا فرض سرانجام ڏنا.45 سالن جي ڪريم ڪاٽن عورتن جي 16 ون ڊي انٽرنيشنل ۽ 44 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ امپائرنگ ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو