عيدالفطر لاءِ اسپيشل ٽرينن جو شيڊيول جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي وزارت عيدالفطر جي موقعي تي اسپيشل ٽرينن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.پاڪستان ريلويز عيدالفطر جي موقعي تي 5 اسپيشل ٽرينن جو شيڊيول جاري ڪيو آهي.پهرين عيد اسپيشل ٽرين 26 مارچ تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کان لاهور لاءِ رواني ٿيندي، اها ٽرين 16 بوگين تي ٻڌل هوندي ۽ حيدرآباد، روهڙي، ملتان ۽ ساهيوال رستي ايندڙ ڏينهن لاهور پهچندي.ٻي عيد اسپيشل ٽرين 26 مارچ تي ڪوئيٽا کان پشاور ڪينٽ لاءِ رواني ٿيندي، 11 بوگين تي ٻڌل اها ٽرين ملتان ۽ ساهيوال رستي سفر ڪندي پشاور پهچندي.ٽرين عيد اسپيشل ٽرين 27 مارچ تي لاهور کان ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي، اها ٽرين 16 بوگين تي ٻڌل هوندي ۽ خانيوال، ملتان، ساهيوال ۽ روهڙي رستي ڪراچي پهچندي.چوٿين عيد اسپيشل ٽرين 27 مارچ تي ڪراچي سٽي اسٽيشن کان راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندي، جيڪا 14 بوگين تي ٻڌل هوندي ۽ فيصل آباد، سرگوڌا، لالا موسيٰ کان ٿيندي راولپنڊي پهچندي.پنجين عيد اسپيشل ٽرين 28 مارچ تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کان لاهور لاءِ رواني ٿيندي، اها ٽرين 16 بوگين تي ٻڌل هوندي ۽ ملتان، فيصل آباد رستي لاهور پهچندي.سموريون ريل گاڏيون اڪانومي ڪلاس، اي سي بزنس ۽ اي سي اسٽينڊرڊ ڪلاس جي بوگين تي ٻڌل هونديون، جڏهن ته مسافرن جي اڳواٽ بڪنگ جو عمل به شروع ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو