عيسيٰ خيلوي سندس موت جي ڪوڙي خبر هلائيندڙ کي معاف ڪري ڇڏيو

لاهور (م ڊ) مشهور لوڪ فنڪار عطاءَ الله عيسيٰ خيلوي سندس موت جي ڪوڙي خبر هلائيندڙ کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ پوليس کي چيو ته کانئس اها پڪ وٺو ته هو آئنده اهڙي حرڪت نه ڪندو ۽ کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ڊيره غازي خان ضلعي جي تعلقي تونسه سان تعلق رڪندڙ شعيب قيصراڻي فيس بڪ ۽ ٽوئٽر تي ڪوڙي خبر هلائي ته لوڪ فنڪار عطاءَ الله عيسيٰ خيلوي فوت ٿي ويو. سندس ان ڪوڙي خبر بعد سوشل ميڊيا تي تعزيتي سلسلو شروع ٿي ويو ۽ عطاءَ الله خان پريشان ٿي ويو. هن هڪ ويڊيو پروگرام جاري ڪيو ته مان ڪرنگهي جي هڏي ۾ تڪليف سبب ڪجهه ڏينهن اسپتال داخل هئس پر هاڻي بلڪل ٺيڪ آهيان ۽ پنهنجي گهر آهيان ۽ 13 اپريل تي دبئي ۾ شو ڪرڻ وڃان پيو. جنهن بعد پوليس شعيب قيصراڻي کي گرفتار ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته قيصراڻي بليڪ ميلنگ لاءِ بدنام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو