ڪراچي(اسٽاف رپورٽر صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز محمد علي ملڪاڻيءَ جي صدارت هيٺ کاتي جو اعليٰ سطح جو اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي انتهائي غريب ۽ مستحق خاندانن ۾ کير ڏيندڙ ڳئون ۽ مينھون ورهائڻ واري پائلٽ منصوبي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيميل هيلٿ (SIAH) جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر نظير حسين ڪلهوڙو، ڊائريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ رفيق ميمڻ، سنڌ رورل سپورٽ پروگرام (سرسو) جي سي اي او محمد ڏتل ڪلهوڙو، پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام جي ڊائريڪٽر جنرل پرويز احمد چانڊيو سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيميل هيلٿ (SIAH) ڊاڪٽر نظير حسين ڪلهوڙو پاور پوائنٽ پريزنٽيشن ذريعي اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته هي پائلٽ منصوبو مالي سال 2024-25 جي “پرو پُوئر سوشل پروٽيڪشن اينڊ اڪنامڪ سسٽين ايبيليٽي پروگرام” جو حصو آهي، جنهن جو مقصد غربت جي خاتمي ۽ معاشي استحڪام کي وٺرائڻ آهي. هن ٻڌايو ته هن منصوبي تحت اھڙيون ڳئون ۽ مينھون فراهم ڪيون وينديون، جيڪي روزانو 8 کان 10 ليٽر کير ڏينديون ھجن تہ جيئن مستحق خاندان نہ رڳو پنهنجون روزانو جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن پر واڌو کير وڪڻي آمدني بہ حاصل ڪري سگهن. ڊاڪٽر نظير حسين ڪلهوڙو ٻڌايو ته شروعاتي طور تي فنڊنگ جي حساب سان صوبي جي 6 کان 8 ضلعن ۾ هيءُ منصوبو لاڳو ڪيو ويندو، ۽ بعد ۾ ان جو دائرو وڌايو ويندو. اجلاس دوران هن منصوبي جي ٽيڪنيڪي ۽ عملي پاسن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مختلف ادارن کان حاصل ڪيل ڊيٽا جي بنياد تي صرف اهي انتهائي غريب خاندان، جن جو غربت اسڪور ٻڙيءَ کان پنج هوندو، انهن کي ئي چوپايو مال فراهم ڪرڻ لاءِ پول ۾ شامل ڪيو ويندو. ان کان پوءِ وڌيڪ طئي ڪيل معيار موجب انهن جي چونڊ ڪئي ويندي. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت لائيواسٽاڪ ۽ فشريز شعبي جي ترقي لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي، ته جيئن ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ رهندڙ غريب خاندانن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هن منصوبي سان صوبي ۾ کير جي پيداوار ۾ به اضافو ٿيندو، جنهن جا مثبت اثرات سڄي سنڌ تي پوندا. هي منصوبو سنڌ حڪومت جي طرفان غربت جي خاتمي ۽ عوام جي فلاح و بهبود لاءِ هلندڙ مختلف پروگرامن جو حصو آهي، جنهن جو مقصد صوبي جي پوئتي پيل طبقن کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۽ انهن جي زندگين ۾ مثبت تبديليون آڻڻ آهي. محمد علي ملڪاڻيءَ ان ڳالھ تي زور ڏنو ته چوپائي مال جي ورهاست دوران شفافيت ۽ ميرٽ کي يقيني بڻايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته پائلٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ کان اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، سنڌ رورل سپورٽ پروگرام، پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام، ۽ ٻين ادارن کان صوبي جي سڀ کان غريب ترين يونين ڪائونسلن جو ڊيٽا گڏ ڪيو وڃي، جنهن مان فقط انتهائي غريب خاندانن کي پول ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ پوءِ انھن بابت صحيح سروي ۽ تصديق بعد ئي هن منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪيو وڃي.
