ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انساني حقن جي عالمي اداري هيومن رائيٽس واچ (ايڇ آر ڊبليو) چيو آهي ته اسرائيل غزا جي شهري آبادي جو پاڻي بند ڪري لائينون تباهه ڪري فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. ايڇ آر ڊبليو عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو اسرائيل تي ٽارگيٽيڊ پابنديون مڙهي. جاري ڪيل تازي رپورٽ م ايڇ آر دبليو چيو آهي ته گذريل هڪ سال کان اسرائيل ڄاڻي واڻي غزا جي شهرين کي جيپي جي بنيادي سهولت پاڻي کان محروم رکڻ لاءِ لڳاتار اهڙا قدم کنيا آهن جيڪي نسل ڪشي جي دائري ۾ اچن ٿا. اسرائيل ايڇ آر دبليو جي رپورٽ کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، پاڻي جي لائين تي لڳل پمپنگ اسٽيشن جي سولر سيسٽم کي تباهه ڪيو آهي، جنريٽرز لاءِ تيل جي سپلاءِ بند ڪئي آهي، پاڻي جون لائينون تباهه ڪيون آهن ۽ سپلاءِ به بند ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب پاڻي جي لائينن جي مرمت لاءِ گهربل سامان گهرائڻ تي به اسرائيل پابندي مڙهي آهي. ياد رهي ته غزا جي جنگ ۾ 45 هزار کان مٿي شهري مارجي ويا آهن، سوين ماڻهو تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي ۾ دٻيل آهن. شهر کنڊر بڻجي ويو آهي، اسپتالون ۽ تعليمي ادارا به تباهه ڪيا ويا آهن. اسرائيلي ڊرونز ٻارن جي روئڻ ۽ مدد لاءِ پڪار جا آواز ڏئي رهيا آهن، جيئن ئي مدد لاءِ فلسطيني لڪل جاين تان ٻاهر اچن ٿا ته انهن کي قتل ڪيو ٿو وڃي.
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ قريشي سميت 14 تي فرد جرم لاڳو
ٻئي ون ڊي ڏکڻ آفريڪا لاءِ پاڪستان جو 330 رنز جو ٽارگيٽ
عوام کي سستي ۽ صاف بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪريون پيا
پي ٽي آءِ باني خلاف پوسٽ، سلمان احمد جي پارٽي رڪنيت ختم
ڪراچي وارا هوشيار! موسميات کاتي اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي
پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران زخمي ٿيندڙ ٻيو رينجرز اهلڪار شهيد
ڪرپشن گهٽ ٿي ته قرضن جي ضرورت ئي نه پوندي: خواجا آصف
مارشل لائي دور ۾ ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو: اعظم نذير
ڳالهين جي آڇ کي سندن ڪمزور نه سمجهيو وڃي:عمران خان
ڳالهيون حڪومت جي مفاد ۾ آهن، اسان ايلاز نه ڪنداسين: شبلي فراز
ٻٻرلو تي ڪار ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر، پنج ڄڻا فوت
غزا جو پاڻي بند ڪري اسرائيل نسل ڪشي پيو ڪري، ايڇ آر ڊبليو
چيمپيئنز ٽرافي سميت 2027 تائين پاڪ، ڀارت ميچن لاءِ هائبرڊ ماڊل تي اتفاق
افغانستان ۾ حادثو، 52 ڄڻا فوت، ڪيترائي ٻيا زخمي
گورنر صوبائي حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
واٽس ايپ تي هاڻ چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪرڻ ممڪن
رمپا پلازه ۾ لڳل باهه تي ڪنٽرول ٿي ويو آهي، اختاريون
آمريڪا ڪير ٿيندو آهي؟ پاڻ هيرو شيما تي ايٽم بم هنيو هئائين
وزيراعظم جي انڊونيشيا جي صدر سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون
شاهين آفريدي بنگلاديش پريميئر ليگ کيڏندو