غزا(ويب ڊيسڪ) غزا ۾ جنگبندي جي ٻئي ڏينهن اڪثر فلسطيني پنهنجي کنڊر ٿيل گهرن کي ڏسي ڪافي مايوس ٿيا آهن. جڏهن ته قيدين جي مٽا سٽا واري معاهدي هيٺ عمر قيد جي سزا سميت اسرائيل جي جيلن مان 90 فلسطيني قيدي جن ۾ 69 عورتون ۽ 21 ٻار شامل آهن، آزاد ڪيا ويا آهن. قيدين ۾ ڪافي انگ جو تعلق ويسٽ بئنڪ سان آهي جن، جي آزادي تي سندن خاندان جشن ملهائي رهيا آهن. گذريل ڏينهن حماس 3 اسرائيلي يرغمالي عورت فوجي اهلڪارن کي آزاد ڪيو هو، حماس ٽنهي يرغمالي عورتن کي ريڊ ڪراس حوالي ڪيو جن اسرائلي فوج جي حوالي ڪيون، يرغمالي عورتن جي خاندان سان ملاقات ڪرائي وئي پر پڇا ڳاڇا لاءِ اڃا هو اسرائيلي فوج جي تحويل ۾ آهن. تل ابيب ۾ وين اسڪرينن تي يرغمالي فوجي عورتن جي آزادي جا منظر لائيو ڏيکاريا ويا. آزاد ٿيندڙ عورت فوجي اهلڪارن ۾ 24 سالن جي رومي گونين، 28 سالن جي ايملي ڊامري ۽ 31 سالن جي ڊيرن اسٽين بيڪر شامل آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج 90 فلسطيني قيدي آزاد ڪرڻ جي لسٽ جاري ڪئي آهي جن ۾ 69 عورتون ۽21 ٻار شامل آهن. آچر تي ٽن ڪلاڪن جي دير سان جنگبندي معاهدي تي عمل شروع ٿيو. جنهن بعد مختلف ڪيمپن ۾ ترسيل فلسطيني پنهنجي گهرن ڏانهن وڃن شروع ٿي ويا آهن. جنگبندي تي عمل ۾ دير جو سبب حماس پاران آزاد ٿيندڙ 33 قيدين جي لسٽ جاري نه ٿيڻ هو. بعد ۾ اسرائيلي حڪومت جي ايڪس اڪائونٽ پهرين مرحلي ۾ آزاد ٿيندڙ 33 قيدين جي لسٽ جاري ڪئي. لسٽ ۾ سڀ کان ننڍي ۽ وڏي عمر وارا قيدي شامل آهن جن کي حماس 7 آڪٽوبر تي اغوا ڪيو هو. ڪفر بيباس جي گذريل سال يرغمالي بڻجڻ وقت عمر صرف 9 مهينا هئي، جڏهن ته 86 سالن جو شلومو منتزور سڀ کان وڏي عمر جو قيدي آهي.
جنگبندي کان چند گهڙيون پهرين اسرائيل جي بمباري 10 شهيد
آچر تي جنگبندي کان ٿورو اڳ اسرائيل غزا م بمباري جاري رکي. جنهن بابت حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي هوائي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا مارجي ويا آهن، جن ۾ غزه شهر ۾ 6، اتر غزا ۾ ٽي ۽ رفح ۾ هڪ شهري شامل آهن، آچر جي صبح جنگبندي کان اڳ. انهن حملن ۾ 25 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.
Photo courtesy BBC
جنگبندي تي عمل بعد فلسطينين جي گهرن ڏانهن واپسي
جنگبندي معاهدي تي عمل ٿيڻ کانپوءِ هزارين بي گهر فلسطيني پنهنجي گهرن ڏانهن سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي. غزه مان مليل تصويرن ۾ هزارين فلسطينين کي ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري سامان کڻي پنهنجن گهرن ڏانهن ڊوڙندي ڏٺو ويو. ڪجهه ماڻهو گاڏين ۾ به سوار آهن. انهن مان ڪيترن ئي فلسطينين جي هٿن ۾ جهنڊا به آهن.
Photo Courtesy BBC
گڏيل قومن جون 4 هزار امدادي ٽرڪ غزا ۾ داخلا لاءِ تيار
سيز فائر معاهدي موجب روزانو 600 امدادي ٽرڪون غزا ۾ اينديون، جن مان 50 ٽرڪ تيل سان ڀريل هونديون ۽ 300 ٽرڪ اترين غزا م لهندا. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري (UNRWA) جو چوڻ آهي ته خوراڪ ۽ امداد سان ڀريل هزارين ٽرڪون غزه ۾ داخل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيون آهن. ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ تنظيم جو چوڻ آهي ته 4,000 امدادي ٽرڪون غزه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار آهن. UNRWA جي مطابق، انهن مان اڌ ۾ اٽو ۽ کاڌو شامل آهي. UNRWA جي سربراهه Philippe Lazzarini جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته جنگبندي کانپوءِ غزه ڏانهن امدادي قافلن تي حملن ۾ گهٽتائي ايندي.
Photo Courtesy BBC
يهودي پاور پارٽي پاران حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان
اسرائيلي حڪومت ۾ ساڄي ڌر جي پارٽي يهودي پاور پارٽي غزه ۾ جنگبندي خلاف احتجاج ڪندي حڪومت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. يهودي جماعت جي ان فيصلي کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي هاڻي پارليامينٽ ۾ معمولي اڪثريت حاصل آهي. اسرائيل جي قومي سلامتي واري وزير اتمار بن گوير سميت ٽن ميمبرن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. بن گوير چيو هي ته اسرائيلي حڪومت حماس آڏو سرينڊر ڪيو آهي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته هو نيتن ياهو جي حڪومت ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا نه ڪندا.