غزه، ۾ 4 اسڪولن سميت ٻين هنڌن تي بمباري، 63 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي فوج غزه ۾ 4 اسڪولن سميت ڪيترن ئي هنڌن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 63 فلسطيني شهيد ٿي ويا.غزه جي پٽي جي ڏکڻ ۾ خان يونس ۾ هڪ اسڪول تي اسرائيلي بمباري ۾ ٻارن سميت 20 فلسطيني شهيد ٿي ويا.ان دوران اتر غزا ۾ بيت حنون اسڪول تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ شهيدن جو انگ 43 ٿي ويو.ان کان علاوه هڪ ئي ڏينهن ۾ قطري چينل جي ڪئميرامين احمد ال لوح سميت 3 صحافين کي قتل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو