غزه بابت ٺهراءَ اڪثريت سان منظور، جنگبندي جو مطالبو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، عالمي اداري جي جنرل اسيمبلي جنگبندي واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءَ جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏني، 153 ملڪن ٺهراءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو،آمريڪا، اسرائيل، آسٽريا ۽ پيراگوءِ سميت 10 ملڪن ٺهراءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، برطانيا، اٽلي، جرمني، هالينڊ ۽ يوڪرين سميت 23 ملڪ ووٽنگ دوران غير حاضر رهيا،آمريڪي صدر جو بائيڊن پهريون ڀيرو اسرائيل خلاف سخت بيان ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل غزه تي لاڳيتي بمباري سبب عالمي حمايت وڃائي رهيو آهي،واشنگٽن ۾ فنڊ ريزنگ تقريب دوران ڳالهائيندي صدر جو بائيڊن چيو ته اسرائيل جي سلامتي جو دارومدار آمريڪا جي سهڪار کانسواءِ اسرائيل جي پنهنجي پاليسين تي به آهي، اسرائيل يورپ، يورپي يونين ۽ باقي دنيا جي حمايت وڃائي رهيو آهي، تجزيه نگارن موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن جو اهو بيان اسرائيلي سرڪار لاءِ پهرين سڌي ۽ وڏي وارننگ آهي

پهنجو تبصرو موڪليو