غزه جنگبندي معاهدي ۾ عارضي واڌ لاءِ آمريڪا جي تجويز منظور

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل غزه جنگبندي معاهدي ۾ عارضي واڌ لاءِ آمريڪا جي تجويز منظور ڪري ورتي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس پاران جاري بيان موجب، رمضان ۽ اپريل جي وچ ڌاران ٿيندڙ يهودي تهوار دوران جنگبندي جي واڌ کي منظوري ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته جنگبندي جي پهرئين ڏينهن تي زنده يا فوت ٿيل يرغمالين جو اڌ انگ اسرائيل حوالي ڪيو ويندو. اسرائيلي اعلان تي حماس يا جنگبندي ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ڪندڙ ڌرين جي طرفان اڃا تائين ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ طئي ٿيل جنگبندي معاهدي جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو