غزه جي صورتحال جو ذميوار حماس قرار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا غزه جي صورتحال جو ذميوار فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس کي قرار ڏنو آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽمي بروس پريس بريفنگ ۾ چيو ته غزه جي صورتحال جو ذميوار حماس آهي.ٽامي بروس چيو ته ٽرمپ انتظاميه سڀئي فيصلا آمريڪي عوام جي خواهشن مطابق ڪري رهي آهي. اسين محفوظ آهيون، عزت سان پنهنجن قدرن تي عمل ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته جڏهن آمريڪا صدر ٽرمپ جي اڳواڻي ۾ معاشي طور تي مضبوط ٿيندو، ته دنيا پڻ هڪ بهتر جڳهه هوندي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽامي بروس کان پڇيو ويو ته ڇا ٽرمپ آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر والاريل ڪشمير ۽ افغانستان جا ماڻهو به هن ڏانهن ڏسي رهيا آهن.جنهن تي ٽامي بروس چيو ته ماڻهو ٽرمپ تي ڀروسو ڪن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو ٻيهر چونڊجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو