غزه ۾ اسرائيل جي بمباري جاري 64 فلسطيني شهيد

غزه(ويب ڊيسڪ)اسرائيل عيد جي ڏينهن به پنهنجي جارحيت جاري رکندي غزه ۾ بمباري جاري رکي. فلسطين ۾ اڄ عيد جو ٻيو ڏينهن آهي ۽ صيهوني فوج طرفان غزه تي وحشيانه حملا مسلسل جاري آهن. فلسطيني عملدارن موجب، غزه ۾ اسرائيلي فوج جي حملن ۾ ٻارن سميت 64 ڄڻا شهيد ٿي ويا. فلسطيني عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته رفح ويجهو اسرائيلي فائرنگ جي هڪ هفتي کانپوءِ لاپتا ٿيل ايڊ ورڪرن جا 14 لاش مليا، جن ۾ طبي عملي جا 8 ميمبر، شهري دفاع جا 5 ڪارڪن، ۽ هڪ گڏيل قومن جو ملازم شامل آهي. واضح رهي ته غزه ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري اسرائيلي جارحيت سبب شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 50 هزار کان وڌي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو