غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج جي وچ غزه ۽ ڀرپاسي ۾ بمباري ۽ ڊرون حملا جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 47 فلسطيني شهيد ۽ 182 زخمي ٿي پيا.عرب ميڊيا موجب، صيهوني فورسز بي گهر فلسطينين تي بم ڪيرايا، جڏهن ته شجاعيه ڪيمپ تي بمباري سبب 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا جوچوڻ آهي ته يهودي فوج زيتون محلي ۽ جباليه ڪيمپ تي گولا باري ڪئي جنهن سبب شهادتن جو خدشو آهي.عرب ميڊيا موجب، بيت المقدس ۾ اسرائيلي آبادڪارن فلسطيني شهرين جي گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي.عرب ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل سال آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ مجموعي انگ 43 هزار 712 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 3 هزار 528 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.ٻئي پاسي لبنان تي اسرائيلي فورسز حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن.بيروت جي ڀرپاسي ۾ اسرائيلي فضائيه 12 هوائي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ رهائشي عمارتون، واپاري مرڪز، اسڪول ۽ اسپتالون تباهه ٿي ويون.لبناني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ 3 هزار 287 شهري شهيد ۽ 14 هزار 222 زخمي ٿي چڪا آهن.ٻئي پاسي ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان ويڙهه دوران 6 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن جنهن جي اسرائيلي فوج جي ترجمان طرفان تصديق ڪئي وئي آهي.
شھدادپور ۾ پورهيت جي گهر کي باهه،چوپائي مال سميت سامان سڙي رک
سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو
تڪراري منصوبن تي اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي،بلاول ڀٽو
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان
وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ
سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار
گوتم اڏاڻي تي نيويارڪ جي عدالت پاران فرد جرم لاڳو
اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو