غزه ۾ سپلائي بند، ماڻهو، گاهه، گڏهه ۽ گهوڙا کائڻ تي مجبور

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آڪسفيم جي نمائندي بشرا خالدي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي فوج 10 ڏينهن کان اتر غزا ۾ خوراڪ جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب غزه جي اترين علائقن ۾ خوراڪ جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو گاهه، گڏهه ۽ گهوڙا کائڻ تي مجبور آهن. آڪسفيم جي هڪ نمائندي جو چوڻ آهي ته اتر غزه ۾ ماڻهو بک مري رهيا آهن . بشرا خالدي جو چوڻ آهي ته اتر غزا ۾ اڪثر فلسطيني ڏکڻ غزه ڏانهن ”موت مارچ“ ڪرڻ بجاءِ پنهنجن گهرن ۾ مرڻ لاءِ تيار آهن. مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو زنده ڪيئن رهندا؟ سندس چوڻ آهي ته اتر کان ڏکڻ طرف ويندي اسرائيلي حملن ۾ مرڻ بدران هو پنهنجي گهرن ۾ مرن کي ترجيح ڏين ٿا، غزه ۾ اهڙيون حالتون ڪڏهن به نه رهيون آهن. اسرائيل فوج جا پناهه گاهن وارين ڪيمپن تي حملا جاري آهن ۽ گزريل سال 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 43 هزار کان مٿي فلسطيني مارجي چڪا آهن ۽ هڪ لک کان مٿي زخمي ۽ اپاهج ٿي ويا آهن. اسرائيلي حملن ۾ آمريڪي، برطانوي، گڏيل قومن ۽ ٻين ملڪن جا فلاحي ادارا به محفوظ نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو