غير اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ڪي اليڪٽرڪ کي نوٽيس جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي علائقي اسڪيم 33 جي هائوسنگ سوسائٽي ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.ڪي اليڪٽرڪ خلاف درخواست منصف جان ايڊووڪيٽ داخل ڪئي آهي.عدالت ايم ڊي ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 2 هفتن ۾ تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو.درخواستگذار استدعا ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ کي 100 سيڪڙو بلنگ وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.درخواستگذار جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بل ادا ڪرڻ باوجود هائوسنگ سوسائٽي کي لائن لاسز واري علائقي ۾ شامل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو