غير جمهوري ماڻهن آئين کي تباهه ڪيو، علي امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جيڪي ماڻهو غير جمهوري طريقي سان آيا انهن آئين کي تباهه ڪيو، اهي گوليون ۽ تشدد اسان جو وقت ضايع ڪري سگهن ٿا پر مقصد تبديل نٿا ڪري سگهن. پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته پوليس ايڪٽ 2017 تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ڪو به پنهنجي طاقت جو غير ضروري استعمال نٿو ڪري سگهي.هن چيو ته نگران حڪومت ۾ پوليس کي اهو ڪيو ويو جيڪو نه ڪرڻ چاهيو، گهرو وزارت ۽ ٻيا کاتا گڏجي قانون ٺاهي رهيا آهن.هن چيو ته جيڪي ماڻهو غير جمهوري طريقي سان آيا انهن آئين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جتي به حڪم ملندو اسان ريليون ڪڍنداسين، هي گوليون، تشدد اسان جو وقت ضايع ڪري سگهن ٿا ۽ مقصد تبديل نٿا ڪري سگهن.علي امين گنڊاپور چيو ته مان وڏو وزير آهيان ۽ اسٽينڊنگ چوٽ تي پنهنجا وسيلا استعمال ڪندس. منهنجي مشينري رستو صاف ڪندي ڇو ته مان هن صوبي جو وڏو وزير آهيان.هن چيو ته هو پنجاب پوليس کي نقصان وارننگ ڏئي رهيو آهي ته ڪنهن جي غلط حڪم تي عمل نه ڪيو، نتيجا پاڻ کي ڀوڳڻا پوندا، عظميٰ بخاري جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ جلسو ڪيان، هتي ڇو جلسو ڪريان، سڄي پاڪستان ۾ جلسا ڪندس.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان، بلاول ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ جلسا ڪري رهيا آهن پر کين ڪير به نه ٿو روڪي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان پاڻ چيو ته مون کي چيو ويو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو