غير معياري پاڻي فراهم ڪرڻ تي 11 آر او پلانٽ سيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران ڪراچي ۾ غير معياري آر او پلانٽس خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي غير معياري پاڻي سبب 11 آر او پلانٽ سيل ڪري ڇڏيا. جاري ڪيل بيان م بڌايو ويو آهي ته خراب ڪوالٽي سبب ضلعي ڏکڻ ۾ 8 ۽ ضلعي اوڀر ۾ 3 آر او پلانٽس سيل ڪيا ويا. ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو جو چوڻ اهي ته آر او پلانٽس جا اوزار زنگ لڳل ۽ پاڻي جي ٽئنڪين ۾ گندگي ھئي.
ڊگهي وقت کان فلٽر تبديل نه ڪيا ويا هئا. هن چيو ته غير معياري آر او پلانٽس خلاف ڪارروائي جاري رهندي. سنڌ فوڊ اٿارٽي عالمي ادارو صحت جي معيارن مطابق پاڻي جي جاچ کي يقيني بڻائي رهي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت تائين صوبي ۾ 463 فوڊ بزنس يونٽن ۽ آر او پلانٽس جو معائنو ڪيو ويو آهي. صوبي ۾ غير معياري پاڻي ۽ ملاوٽ ٿيل کير خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ڊي جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته غير معياري آر او پلانٽس ۽ ملاوٽ ٿيل کير خلاف شڪايتون واٽس ايپ نمبر 03300116533 تي درج ڪرايون وڃن. سنڌ فوڊ اٿارٽي عوامي صحت جي تحفظ لاءِ پاڻي جي معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو