فائر وال جي آزمائش سبب سوشل ميڊيا انٽرنيٽ اسپيڊ متاثر

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان ۾ ڪوڙيون خبرون، حڪومت ۽ فوج خلاف پروپيگنڊا روڪڻ لاءِ نصب ڪيل فائروال سبب سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي انٽرنيٽ اسپيڊ گهٽجي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سان اِي ڪامرس واريون ويب سائيٽس به متاثر ٿي رهيون آهن جنهن سبب ڪاروبار تي منفي اثر پئجي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت چين کان خريد ڪيل فائر وال جي آزمائش جاري آهي جنهن دوران مانيٽرنگ جي مختلف مرحلن جا پئمانا سيٽ ڪرڻ سبب سوشل ميڊيا پليٽ فارمز سلو ٿي ويا آهن. هن منصوبي جو مقصد سوشل ميڊيا انفلوئنسرز جي رياست، حڪومت ۽ فوج مخالف مواد واريون پوسٽس کي لڪائڻ مقصد آهي جيئن اهي وائرل نه ٿي سگهن. هن پروجيڪٽ لاءِ انفرميشن ٽيڪنالوجي واري وزارت جي بجيٽ م 30 ارب روپيا رکيا ويا آهن پر فائر وال پروجيڪٽ جي نگراني ۽ مانيٽرنگ هڪ ڳجهو ادارو ڪري رهيو آهي. هڪ پاسي سوشل ميڊياجي مانيٽرنگ لاءِ فائر وال نصب ڪئي وئي آهي ته بئي پاسي حڪومتي ويب سائيٽس جي سيڪورٽي جا تهه وڌائڻ لاءِ پاڪستان ٽيليڪميونيڪشن اٿارتي ڌار فائر وال نصب ڪري رهي آهي. 11 جولاءِ تي نيڪسٽ جنريشن فائر وال لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويو هو جنهن جي آخري تاريخ 26 جولاءِ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو