فائز عيسيٰ عدليا ۾ مداخلت روڪڻ بدران سهولتڪاري ڪئي، جسٽس منصور

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته عدليا ۾ مداخلت ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ اوور اسپيڊنگ سبب اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي الوداعي ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي هئي ۽ ساڳين سببن جي ڪري هاڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي الوداعي ريفرنس ۾ به شرڪت نه ڪندس. جسٽس منصور علي شاهه رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي هڪ ٻيو خط لکيو، جنهن ۾ هن چيو ته سڄي دنيا ۾ چيف جسٽس کي الوداعي تقريب ڏيڻ جو رواج آهي، الوداعي تقريب ۾ چيف جسٽس جي خدمتن کي ساراهيو وڃي ٿو. جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ لکيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي اوور اسٽيپنگ تي ريفرنس ۾ به شرڪت نه ڪئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ريفرنس ۾ به شرڪت نه ڪندس. پنهنجي خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته چيف جسٽس جو ڪردار عوام جي حقن جو تحفظ، عدليه جي آزادي ۽ سڀني لاءِ انصاف لاءِ هوندو آهي. چيف جسٽس فائز عيسيٰ جي الوداعي ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جا سبب وڌيڪ پريشان ڪندڙ آهن، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي تي مان پاڻ کي مجبور سمجهان ٿو. جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجو مٿو شتر مرغ وانگر واريءَ ۾ هنيو ۽ عدليه تي ٻاهرين اثرن ۽ دٻاءُ کان لاتعلق رهيو ۽ هن عدليه ۾ مداخلت جا دروازا کولي ڇڏيا آهن، جسٽس فائز عيسيٰ چيڪ ۽ بيلنس نه رکيو ۽ عدليه جو دفاع ڪرڻ جي جرئت نه ڏيکاري. موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدليه کي ڪمزور ڪرڻ وارن کي موقعو ۽ ميدان ڏنو. هن پنهنجي خط ۾ لکيو ته چيف جسٽس فائز عيسيٰ عدالتي رواداري ۽ هم آهنگي جو گهربل احترام قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، هو عدليه ۾ مداخلت جو ذميوار آهي، سندس نظر ۾ عدليه جي فيصلن جي ڪا به اهميت ۽ احترام ناهي. پنهنجي خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته چيف جسٽس شرمناڪ انداز ۾ چيو ته فيصلن تي عمل نه ڪيو وڃي. ياد رهي ته مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏين بابت اڪثريتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ بابت جسٽس عيسيٰ فيصلي ۾ لکيو هو. جسٽس منصور علي شاهه وڌيڪ لکيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ساٿي ججن ۾ اختلاف پيدا ڪري ڇڏيا، ججن جي اختلافن جا اثر گهڻي وقت تائين عدليه تي رهندا. هن وڌيڪ لکيو ته فل ڪورٽ ريفرنس ۾ شرڪت ۽ اهڙو عرصو ملهائڻ سان اهو پيغام ويندو ته چيف جسٽس پنهنجي اداري کي تباهه ڪري سگهي ٿو، اداري کي تباهه ڪرڻ جي باوجود اهو سمجهيو ويندو ته اهڙو چيف جسٽس عدليه جو معزز خادم رهيو آهي. هو اهڙي چيف جسٽس جي ريفرنس ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي. ياد رهي ته جسٽس منصور علي شاهه عمري تي ويل آهي. ريفرنس ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان به قاضي فائز عيسيٰ جي الوداعي ريفرنس جو بائيڪاٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو