ملتان 28 رنز تان لاهور کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل سيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ پهرين سيمي فائنل ۾ ملتان سلطان ۽ لاهور قلندرز م کيڏي وئي، جيڪا ملتان 28 رنز تان کٽي ورتي. ملتان جي جيت ۾ شاهنواز ڏاهاڻي وڏو ڪردار ادا ڪيو. ۽ پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. لاهور ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 اوورز م ملتانٻ وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنز ٺاهي سگهي.جواب ۾ لاهور جي اننگ فخرالزمان ۽ عبدالله شفيق شروع ڪئي ۽ٽئين اوور ۾ عبدالله شفيق 8 بالن تي 5 رنز ٺاهي آصف آفريدي جي بال تي 17 جي مجموعي اسڪور تي ايل بي ڊبليو ٿيو، اٺين اوور ۾ 47 جي مجموعي اسڪور تي ڪامران غلام 2 چوڪا حني 17 بالن تي 20 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، جنهن بعد حفيظ 3 بال کيڏي زيرو تي خوشدل جي بال تي اسٽيمپ آئوٽ ٿيو، جنهن بعد خطرناڪ هٽر هيري بروڪ آيو. ان دوران فخر عمران طاهر کي 4 ڇڪا هنيا ۽ ميچ ملتان جي هٿن مان نڪري ويو. جنهن بعد رضوان ڏاهاڻي کي بالنگ ڏني جنهن خطرناڪ رانديگرهيري بروڪجي وڪيٽ ورتي جيڪو هڪ چوڪو هڻي 13 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿيو، ڏاهاڻي ملتان کي گيم ۾ واپس وٺي آيو، جنهن بعد سمت پٽيل 11 بالن تي 11 رنز ٺاهيون ۽ ڊيوڊ ولي جي بال تي ڏاهاڻي هٿان شاندار ڪيچ تي آئوٽ ٿيو، ، جنهن بعد فل سالٽ آيو جنهن کي ڏاهاڻي جي بال تي عامر عظمت ڪيچ ڪيو. ڊيوڊ ويزي کي رومان رئيس بولد ڪيو ۽ لاهور جي ڪپتان شاهين آفريدي کي ڏاهاڻي 3 بالن تي هڪ رن ٺاهڻ بعد بولڊ ڪيو. ڏاهاڻي 4 اوورز ۾ صرف 19 رنز جي عيوض 3 وڪيٽون ورتيون ۽ هڪ شاندار ڪيچ به پڪڙيو ۽ ملتان کي ميچ کٽرائي. گذريل ڏينهن شاهد آفريدي ٽي وي شو ۾ ڏاهاڻي تي سخت تنقيد ڪندي پنهنجي ناٺي شاهين آفريدي جي هر معاملي م تغريف ڪئي هئي. آخري اوور ۾ 6 بالن تي 36 رنز گهربل هيون، حارث رئوف کيس پهرين بال تي ڃڪو هنيو، ٻئي بال تي هڪ رن ٺهي، ٽيون بال هن مس ڪرايو، چوٿين بال کي وائيڊ قرار ڏنو ويو، ٻيهر بال ڪرائڻ تي هڪ رن ٺهي، پنجون بال هن وري مس ڪرايو، آخري بال به مس ڪرايو. ملتان 28 رنز تان ميچ کٽي فائنل ۾ پهچي وئي. ان کان اڳ پهرين بيٽنگ ڪندي ڪپتان محمد رضوان ۽ رلي روسو ففٽيون اسڪور ڪيون. شان مسعود 2 رنز ٺاهي حفيظ جي بال تي ايل بي دبليو ٿيو. عامر عظمت 5 چوڪا هڻي 22 بالن تي 33 رنز اسڪور ڪري سمت پٽيل جي بال تي فل سالٽ هٿان ڪيچ ٿيو. محمد رضوان 3 چوڪن جي مدد سان 51 بالن تي 53 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته رلي روسو هڪ ڇڪي ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 42 بالن تي 65 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

هي ميچ کٽيندڙ ٽيم فائنل کيڏندي جڏهن ته هارائيندڙ ٽيم کي هڪ موقعو ملندو جيڪا سڀاڻي پهرين اليمينيٽر ميچ جيڪا پشاور ۽ اسلام آباد م کيڏي ويندي اها کٽيندڙ ٽيم سان کيڏندي.

پهنجو تبصرو موڪليو