فائنل ۾ راشد خان لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)لاهور قلندرز لاءِ خوشخبري اها آهي ته افغان اسپنر راشد خان ايڇ بي ايل پي ايس ايل فائنل لاءِ موجود هوندو. راشد خان قومي ڊيوٽي سبب پي ايس ايل ڇڏي بنگلاديش روانو ٿي ويو هو جتي افغانستان جي ٽيم ون ڊي سيريز کيڏڻ ۾ مصروف آهي. فائنل آچر تي ملتان سلطانز ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته افغانستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽين ون ڊي سومر تي کيڏي ويندي. جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته راشد خان آچر تي پي ايس ايل فائنل لاءِ پنهنجي ٽيم لاهور قلندرز لاءِ موجود هوندو. جنهن بعد هو بنگلاديش روانو ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو