فارورڊ بلاڪ نه پيا ٺاهيون، پارٽي ۾ هاڻي ڪو ڊسيپلين ناهي رهيو

حيدر آباد(بيورو رپورٽ) سروري جماعت جي روحاني پيشو ۽ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيا ٺاهيون،اسان پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پيپلز پارٽي اسان جي ئي دم سان قائم آهي حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مخدوم جميل الزمان چيو ته پ پ ۾هاڻي ڪو به ڊسپلين ناهي رهيو، ڊسيپلين نه هئڻ ڪري چيئرمين کي پنجاب ۾ شڪست ملي، سنڌ ۾ به اهڙي صورتحال ڪر کڻي رهي آهي هن چيو ته ڊيسپلين جي ڀڃڪڙيءَ جي اڃا تائين ڪنهن به ذميواري قبول ناهي ڪئي، بلاول ڀٽو کي هاڻي سياسي ڏنڊو کڻڻو پوندو، علي حسن زرداري تي نه ڳالهايو وڃي ته بهتر آهي، نه ته مٽياري تي هڪ ٻيو ڏمر ايندو پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته آرمي چيف جي مقرريءَ وارو قانون تبديل ٿيڻ گهرجي، صدر ۽ وزيراعظم کان آرمي چيف جي مقرري ۽ منظوري وارا اختيار واپس ورتا وڃن،آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو آرمي کي ئي ڪرڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو