فتح الله گولن 83 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)فتح الله گولن، ترڪيه جو مشهور مذهبي اڳواڻ ۽ 2016 جي ناڪام فوجي بغاوت جو ماسٽر مائينڊ، آمريڪا ۾ خود ساخته جلاوطني دوران 83 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو آهي. قطري نشرياتي اداري الجزيره موجب ترڪ ميڊيا ۽ فتح الله گولن سان لاڳاپيل ويب سائيٽ سندس موت جي تصديق ڪئي آهي. فتح الله گولن جا خطبا نشر ڪندڙ ويب سائيٽ ”هرقل“ سومر تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو ته فتح الله گولن آچر جي شام اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو. فتح الله گولن ترڪيه ۾ طاقتور اسلامي تحريڪ ’خدمت‘ جو بنياد رکيو. فتح الله گولن هڪ ڀيرو ترڪيه جي صدر طيب اردگان جو اتحادي هو، پر اهو اتحاد قائم نه رهيو ۽ طيب اردگان کيس 2016 ۾ ناڪام فوجي بغاوت جو ذميوار قرار ڏئي ٿو، جنهن ۾ اعليٰ فوجي آفيسرن جنگي جهازن، ٽينڪن ۽ هيلي ڪاپٽرن جي مدد سان اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 250 ترڪ شهري مارجي ويا هئا، ياد رهي ته فتح الله گولن 1999 کان آمريڪا ۾ خود ساخته جلاوطني اختيار ڪري چڪو هو. جنهن بعد ترڪيه ۾ سندس حامي سوين ماڻهن کي گرفتار ڪري سزائون ڏنيون ويون، ياد رهي ته هن پنهنجي فڪري فهلاءَ لاءِ دنيا جي 100 ملڪن ۾ ٽرڪش اسڪول کوليا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو