فراڊ ڪيس ۾ ٽرمپ تي 35 ملين ڊالر ڏنڊ لاڳو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 350 ملين ڊالر ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.آمريڪي ميڊيا موجب نيويارڪ جي عدالت نيويارڪ سول فراڊ ڪيس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ، سندس وڏن پٽن ۽ ساٿين کي 35 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ٽرمپ تي 3 سالن تائين رياست ۾ ڪاروبار ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.پنهنجي فيصلي ۾، جج آرٿر اينگرون ٽرمپ ۽ ٻن ٻين عملدارن کي ٽن سالن تائين نيويارڪ ۾ ڪنهن به ڪارپوريشن يا اداري جي آفيسر يا ڊائريڪٽر طور ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.عدالت اڳوڻي آمريڪي صدر جي پٽن ايريڪ ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر تي به 2 سالن جي پابندي لڳائي ڇڏي.ڪيس ۾ عدالتي ڪارروائي 3 مهينا هلي، جنهن دوران ٽرمپ ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ جج آرٿر اينگرن تي عدالتي ڪمري جي اندر ۽ ٻاهر حملو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو