صحافي فرحان ملڪ جڊيشل رمانڊ تي لانڍي جيل حوالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مقامي عدالت سينئر صحافي فرحان ملڪ کي جوڊيشل ريمانڊ تي لانڍي جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سينئر صحافي فرحان ملڪ کي عيدالفطر جي پهرئين ڏينهن ئي ملير ڪورٽ آندو ويو، جتي کيس اسپيشل جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي سامهون پيش ڪيو ويو. فرحان ملڪ جي طرفان بلال قريشي ۽ جبران ناصر عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل جبران ناصر عدالت کي آگاهه ڪيو ته فرحان ملڪ خلاف داخل پهرين ڪيس جي ٻڌڻي 3 اپريل تي ٿيندي، جڏهن ته ٻئي ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي 7 اپريل تي مقرر آهي. هن چيو ته هڪ ڪيس ۾ ضمانت ٿئي ٿي ته ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ٿو وڃي. ايف آءِ اي جي تفتيشي عدالت ۾ چيو ته ٻيو ڪو به ڪيس فرحان خلاف داخل ناهي. ياد رهي ته 20 مارچ 2025 تي وفاقي جاچ ادارو (ايف آءِ اي) سينئر صحافي ۽ سما ٽي وي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر نيوز فرحان ملڪ کي اسٽيبلشمينٽ خلاف تنقيدي مواد شايع ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪراچي مان گرفتار ڪيو هو. ڊيجيٽل پليٽ فارم ‘رفتار’ طرفان سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي اطلاع ڏني وئي هئي ته ايف آءِ اي فرحان ملڪ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم رپورٽنگ سينٽر جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر شهزاد حيدر ٻڌايو هو ته فرحان ملڪ خلاف تقريباً 3 مهينا اڳ جاچ شروع ڪئي وئي هئي. صحافي تي لڳايل الزامن بابت، هن جو چوڻ هو ته فرحان ملڪ ‘سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪيترائي پروگرام ڪيا هئا، ۽ اڄ جاچ مڪمل ٿيڻ بعد باضابطه طور تي کيس گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو