ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت صحافي فرحان ملڪ کي 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ سندس ضمانت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ايف آءِ اي فرحان ملڪ کي عدالت ۾ پيش ڪيو. فرحان ملڪ پاران ايڊووڪيٽ عبدالمعز جعفري عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي اينڪرز ۽ سينئر صحافين جو وڏو انگ موجود هو. فرحان ملڪ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اسان فرحان ملڪ کي ڪيس مان خارج ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي، فرحان ملڪ هڪ صحافي آهي. جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته رياست مخالف وڊيوز پوسٽ ڪيون ويون آهن. عدالت هدايت ڪئي ته وڊيوز ڏيکاريون وڃن، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته پترات نالي هڪ يوٽيوب چينل آهي ۽ اسان وٽ ان تي ٻيو مواد به آهي. عدالت پڇيو ته انهن وڊيوز ۾ ڇا خاص آهي؟ ڪيس ۾ مدعي ڪير آهي؟ فرحان ملڪ جي وڪيل چيو ته سندس آفيس جو عملو هن ڪيس ۾ مدعي آهي، ۽ مواد آن لائن موجود آهي. عدالت فرحان ملڪ کان پڇيو ته ڇا کيس ماريو ويو آهي يا تنگ ڪيو ويو آهي؟ فرحان ملڪ چيو ته اسان جي عملي کي تنگ ڪيو پيو وڃي.عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته ڇا ڪنهن ٻئي شخص جو نالو ريمانڊ تي آهي؟ جيڪڏهن توهان ڪنهن کي تنگ ڪندا، ته توهان کي سبب ڏيکاريو نوٽيس جاري ڪيو ويندو.عدالت فرحان ملڪ کي ضمانت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
