فرحان ۽ عروه پنهنجي ڌيءَ جو چهرو مداحن کي ڏيکاري ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور فنڪاره جوڙي اداڪاره گلوڪاره عروه حسين ۽ سندس مڙس اداڪار گلوڪار فرحان سعيد پنهنجي ڌيءَ جي پهرين جھلڪ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي آهي. ڊرامي جي مداحن جي پسنديده جوڙي فرحان سعيد ۽ عروه حسين مداحن کي سرپرائز ڏئي ڇڏيو آهي.عروه ۽ فرحان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي نيون وڊيوز شيئر ڪيون آهن. هي وڊيوز هن فنڪار جي جوڙي جي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ايوارڊ شوز ۾ شرڪت جي حوالي سان ٺاهيا ويا آهن.عروه ۽ فرحان سعيد جي وڊيوز ۾ نه رڳو لنڊن جا خوبصورت منظر پيش ڪيا ويا آهن، پر ٻنهي پنهنجي ڌيءَ جو چهرو به پهريون ڀيرو مداحن سان شيئر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو