فزڪس جو نوبيل انعام مصنوعي ذهانت جي بانين جي ناءُ

اسٽاڪ هوم(ويب ڊيسڪ)سال 2024 جي طبعيات ( فزڪس ) جو نوبيل انعام مصنوعي ذهانت ٽيڪنالوجي جي باني سائنسدانن جي نالي ڪيو ويو آهي. رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنسز طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، هلندڙ سال فزڪس جو نوبيل انعام آرٽيفيشل انٽيليجنس جا بنياد وجهندڙ آمريڪي سائنسدان جان هوپ ۽ برطانوي ڪينيڊين ڪمپيوٽر ماهر جيفري هِنٽن کي ڏنو ويو آهي. پڌرائيءَ موجب، نوبيل انعام ماڻيندڙ ٻنهي سائنسدانن اهڙي مشين لرننگ ٽيڪنيڪ تي ڪم ڪيو جنهن بعد ۾ چيٽ جي پي ٽي جهڙي پاور پروڊيڪٽ جي صورت اختيار ڪئي. مشين لرننگ بابت پنهنجي مهارت کانسواءِ يونيورسٽي آف ٽورنٽو سان واسطو رکندڙ ڪمپيوٽر سائنس جي ايمريٽس پروفيسر جيفري هِنٽن مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالوجي خلاف سخت موقف رکندڙن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. هِنٽن گذريل سال گوگل لاءِ هڪ ڏهاڪي تائين خدمتون انجام ڏيڻ کانپوءِ رڳو انڪري استعيفيٰ ڏني ته جيئن هو انسانيت جي وجود کي ان ٽيڪنالوجي سبب پيش خطرن بابت آزاداڻي انداز ۾ آگاهي ڏئي سگهي. سوئيڊن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر جيفري جو چوڻ هو ته کيس اندازو نه هو ته ائين ٿيندو، هو حيران آهي. واضح رهي ته نوبيل انعام جو هِنٽن پاران ڏنل وارننگ سان ڪو واسطو ناهي، ٻنهي محققن کي اِهو انعام مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالوجي جي بنيادي دريافتن ۽ ايجادن جي بنياد تي ڏنو ويو، جنهن ذريعي آرٽيفيشل نيورل نيٽورڪس سان گڏ مشين لرننگ ممڪن بڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو