فضيلا قاضي، قيصر نظاماڻي سان شادي جو قصو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ورسٽائل سينيئر اداڪارا فضيلا قاضي قيصر نظاماڻي سان پنهنجي پهرين ملاقات ۽ شادي تائين جي سفر بابت دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي آهي. تازو هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ شرڪت دوران فضيلا قاضي کان پڇيو ويو ته قيصر نظاماڻي کيس شادي لاءِ ڪيئن قائل ڪيو ۽ پهرين ملاقات ڪٿي ٿي؟ جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته اسان جي ملاقات پاڪستان ٽيليويزن جي ڪوريڊور ۾ ٿي. فضيلا قاضي چيو ته قيصر شروع ۾ سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪندو هو، بعد ۾ اردو ڊرامن ۾ آيو، منهنجي ماءُ قيصر کي تمام گهڻو پسند ڪندي هئي، هوءَ خاص ڪري سندس ڊراما ڏسندي هئي ۽ مون کي چوندي هئي ته نئون هيرو آيو آهي، مون سان ملرايو، مون کي هو تمام گهڻو پسند آهي. مون اها ڳالهه قيصر کي ٻڌائي، جنهن بعد اسانجي گهر ايندو هو ۽ منهنجي ڪڍ سيٽ تي به ايندو هو. مون کيس چيو ته اهو مناسب ناهي توهان پنهنجو رشتو موڪليو. مون سمجهو شادي جي ڳالهه ڪندس ته هو ڀڄي ويندو پر قيصر پنهنجي گهروارن سان ڳالهايو، هنن انڪار ڪيو. قيصر کين چيو ته مان زبان ڪري چڪو آهيان ۽ ائين اسانجي شادي ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو